ڄمورو چوٽي

ڄمورو چوٽي: کيرٿر جي هيءَ چوٽي گورک کان هيٺ اولهه طرف آهي. هن چوٽيءَ جي ڀرسان ڄمورو لڪ آهي، جتان لهي بلوچستان ۾ ڄمورو ماٿريءَ ۾ پهچبو. ڄمورو ماٿريءَ ۾ ڄمون تمام گهڻا ٿين ٿا. کجي ۽ پيش جا وڻ ۽ ٻوٽا به عام جام آهن ۽ پپرل، لوهيڙي ۽ ڪهوءَ جا وڻ به تمام گهڻي تعداد ۾ ڏسڻ ۾ ايندا آهن. هتي ڪڻڪ، جَوق، تِر ۽ گوار جا فصل به تمام ڀلا ٿيندا آهن.
ساڳيءَ طرح گورک جي هن چوٽيءَ تي شاهه بلوط، بادام، انجير ۽ ڄمن جا وڻ ڪثرت سان ڏسڻ ۾ ايندا آهن، جن ۾ ميوو گهڻو ٿئي ٿو، پر لذيذ گهٽ ٿئي ٿو، ڇو ته سڀ وڻ خودرو آهن. هن چوٽيءَ تي ڪڻڪ، تر ۽ گوار جي پوکي به ٿئي ٿي. آبهوا جي خيال کان هيءَ چوٽي گهڻي صحت بخش آهي، جتي تفريحي مرڪز ۽ آرامگاهه موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو